سرفراز احمد ڀٽي، ڊاڪٽر

سرفراز احمد ڀٽي، ڊاڪٽر

سرفراز احمد ڀٽي ڊاڪٽر

سرفراز احمد ڀٽي، ڊاڪٽر: نامور عالم ۽ تاريخ جي ڄاڻو ڊاڪٽر سرفراز احمد ولد لعل بخش ڀٽيءَ، 5 فبروري 1936ع تي ضلعي خيرپورميرس ضلعي ۾ گنبٽ ڀرسان ڳوٺ شاهه جي تڪيي ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم گنبٽ مان حاصل ڪري 1952ع ۾ مراد هاءِ اسڪول خيرپور مان مئٽرڪ ڪيائين. انٽر ۽ بي. اي جا امتحان سٽي ڪاليج حيدرآباد مان پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽي ڄام شوري مان ايم. اي ۽ ڊاڪٽر عبدالواحد هاليپوٽي جي رهنمائيءَ ۾
“Religious Movement in Sindh in the Pre- Akbar Time”
جي عنوان سان 1975ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. هي 1962ع ۾ سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ اسلاميات جو ليڪچرار مقرر ٿيو، ان کان اڳ ساڳئي ڪاليج ۾ آفيس سپرنٽينڊنٽ رهي چڪو هو. کيس پڙهڻ پڙهائڻ سان گهڻي دلچسپي هوندي هئي، آخر تائين سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وزيٽنگ پروفيسر رهيو. هن لکڻ جي شروعات 1958ع کان ڪئي. نثر ۽ نظم ۾ ڪافي ڪجهه لکيائين. شاعريءَ ۾ ’راز‘ تخلص استعمال ڪندو هو. تاريخ، ادب، آثار قديمه، فلسفي، مذهب بابت سٺو مطالعو هئس. هي مطالعي جي شوق سبب ايران، شيراز، مصر، فرانس، تخت جمشيد، پاساگاد، شوش، عراق ۽ حجاز پڻ ويو. فني ۽ فڪري پختگيءَ ۽ ڄاڻ جي ڀنڊار جي حوالي سان سندس لکيل مقالن کي مستند حيثيت حاصل آهي.
ڊاڪٽر سرفراز ڀٽي علمي ادبي ۽ تعليمي ادارن جي مختلف انتظامي ڪاميٽين ۾ پڻ ڪم ڪيو، جن ۾ ’علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر‘ سنڌ يونيورسٽي جي بورڊ آف گورنرس ۽ پبليڪيشن ڪميٽيءَ جو به ميمبر رهيو. هي سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ ۾ ڪجهه عرصو انسائيڪلوپيڊيا شعبي جو انچارج به رهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وزيٽنگ پروفيسر طور به پڙهايائين.
سندس تحقيقي مقالن جو ڪتاب ’مقالات سرفراز‘ علامه غلام مصطفيٰ قاسمي چيئر 2011ع ۾ ڇپايو آهي، جڏهن ته سنڌي ادبي بورڊ وٽ سندس ڪتاب ’سما دور جي تاريخ‘ قلمي صورت ۾ اشاعت جو منتظر آهي.
ڊاڪٽر سرفراز ڀٽيءَ، 15 جون 2010ع تي وفات ڪئي ۽ واديءِ حسين قبرستان، ڪراچيءَ ۾ دفن آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1936.02.05  عيسوي

نامور عالم ۽ تاريخ جي ڄاڻو ڊاڪٽر سرفراز احمد ولد لعل بخش ڀٽيءَ، 5 فبروري 1936ع تي ضلعي خيرپورميرس ضلعي ۾ گنبٽ ڀرسان ڳوٺ شاهه جي تڪيي ۾ جنم ورتو.


2010.06.15  عيسوي

ڊاڪٽر سرفراز ڀٽيءَ، 15 جون 2010ع تي وفات ڪئي ۽ واديءِ حسين قبرستان، ڪراچيءَ ۾ دفن آهي.



عالم - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عبدالله مري مولانا
تاج محمود امروٽي
ديبلي ابراهيم
عباس شيخ
آءِ آءِ قاضي علامه
ڇٽو آخوند
بابا صلاح الدين
ترمذي
سام مرزا
عبدالحڪيم، مولوي 2
عالم ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون